آفريقا جي شهزادي

آفريقا جي شهزادي

آفريقا جي شهزادي

آفريقا جي شهزادي (ناول ):محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ابتدائي لکڻين ۾ شامل هن ناول جو پهريون ايڊيشن 1941ع، ٻيو ايڊيشن 1945ع، ٽيون ايڊيشن 1948ع، چوٿون ايڊيشن آگسٽ 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور طرفان شايع ٿيو آهي. ناول جي متن ۾ 50 صفحا ۽ نئين ايڊيشن جي قيمت 30 رپيا رکيل آهي. ناول ۾ ٽئين خليفي حضرت عثمانرضه جي دور ۾ مصر کان اُلهندي طرف ريگستان واري علائقي کي فتح ڪرڻ جو ذڪر آهي. انهيءَ علائقي کي اُن دور ۾ آفريقا ڪري سڏيو ويو، ۽ انهيءَ جي اهم قلعن ۾ زويله، طرابلس ۽ سبطيله شامل هئا. ناول ۾ مجاهدن جي بهادرانه ڪارنامن سان گڏ سندن اعليٰ اخلاق ۽ اسلامي تعليمات جو ذڪر ۽ نجوم وغير بابت اسلامي نڪته نظر جي سٺي وضاحت ڪيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو